اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) نائيجر ۾ مقرر پا??ستان جي سفير احمد عل?? سروهي پا??ستان سان غيرمعمولي سهڪار جي اعتراف ۽ ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ??ائپي وارا لاڳاپا وڌائڻ ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ هيومن رائيٽس آف نائيجر جي صدر پروفيسر خالد اخري کي لائيف ٽائم اچيومنٽ ايوارڊ سان نوازيو. تقريب ۾ ڪابينا جي ميمبرن، چونڊيل نمائندن ۽ معزز مهمانن شرڪت ڪئي. پا??ستان جي سفير ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ انساني حقن جي ڪميشن جي صدر جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن ٻڌايو ته لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پا??ستان سان سهڪار جو اعتراف آهي. پا??ستان ۽ نائيجر 1976ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. اهو رشتو وقت سان گڏ ??ام??ابي سان مضبوط ٿيو ۽ هر گذرندڙ ڏينهن ۽ سال سان گڏ سگهارو ٿيندو ويو. ٻنهي ملڪن جي قيادت انهن لاڳاپن کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پڪوپهه ڪيو. هن ان ڳالهه کي اجاڳر ڪيو ته مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ فرينڊز آف پا??ستان جن ۾ وزير، چونڊيل نمائندا، استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، واپاري ۽ شاگرد شامل آهن، انهن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ هڪٻئي سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو نقطو بڻيل آهن. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڏينهن جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ۽ انهن ماڻهن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو، جن جي اڻ ڳڻين ڪوششن ٻنهي ملڪن کي ويجهو آندو. سفير احمد عل?? سروهي عيدالاضحيٰ تي قرباني لاءِ رضاڪاراڻا خدمتن تي رضاڪارن کي تعريف?? سرٽيفڪيٽ ڏنا، هن فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي ڪردار ادا ڪرڻ تي واکاڻ ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي انساني حقن جي ڪميشن جي صدر ۽ سمورن رضاڪارن پا??ستان جي حڪومت پاران خوبصورت ايوارڊز ڏيڻ تي پا??ستاني سفارتخاني جا ٿورا مڃيا. انهن ايوارڊز کي انهن جي ڪوششن جو نتيجو قرار ڏنو. هنن چيو ته هو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.