استنبول – 16 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن، ترڪ واپاري ۽ سيڙپڪار پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻندي انفارميشن ٽيڪنالاجي، ??اڻ??ن جي کوٽائي، واپار، صنعت ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ترڪي جي نا??يوارين ڪمپنين جي ڪاروباري وفدن سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن استنبول ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صنعتي گروپن سان گڏوگڏ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت ۽ اليڪٽرانڪس سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ترڪ ڪمپنين جي چيئرمين/ سي اي اوز تي ٻڌل هو. شرڪت ڪندڙن زورلو انرجي، ارسيلڪ، ايڪزاڪاب هولڊنگ، ويريپارڪ، ٽوبيساد (ترڪ انفارميٽڪس انڊسٽري ايسوسيئيشن) ?? ٻاهرئين اقتصادي لاڳاپا بورڊ جي ترڪي پاڪستان بزنس ڪائونسل (ٽي پي بي سي) شامل هئا. جيو اڪنامڪس تي پاڪستان جو ڌيان اجاگر ڪندي صدر پاڪستان ۾ سيڙپڪار دوست ماحول ۽ ڪاروباري برا??ري کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن طرف ڌيان ڇڪرايو. وفد جي مختلف ميمبرن صدر کي پنهنجي لاڳاپيل ڪاروبار ۽ ممڪنه منصوبن بابت پڻ ٻڌايو جيڪي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ شروع ڪري سگهجن ٿا، ترڪ واپارين پاڪستان کي پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ ۾ مدد ??اءِ پنهنجي مهارت ۽ مشاورتي مدد جي آڇ ڪئي. وفد صدر کي پاڪستان ۾ موجود ترڪ سيڙپڪارن کي درپيش مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو جڏهن ته صدر انهن مسئلن جي جلد حل جي خاطري ڪرائي.