اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت محدود وسيلن جي باوجود ڪورونا جي وبا جي دوران ڪا??وب??ري برادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪيو، واپا??ين کي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏن?? وڃي ته جيئن بجيٽ جو خسارو گهٽ ۽ ترقياتي ڪمن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز رک?? سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايل سي سي آءِ) جي هڪ وفد ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر ميان نعمان ڪبير جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته حڪومت واپا??ين کي مسقابقتي ۽ منصفاڻو ڪا??وب??ري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته محدود وسيلن جي باوجود حڪومت ڪوويڊ 19 جي وبا جي دوران ڪا??وب??ري برادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪيو. هن ايل سي سي آءِ تي زور ڏن?? ته اها واپا??ين کي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن بجيٽ جي خساري کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ ترقياتي ڪمن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز رک??ا وڃن. وفد حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي خاص طور تي اوڳاڙين جي وصولي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن صدر کي پنهنجي مسئلن کان به آگاهه ڪيو. صدر يقين ڏياريو ته انهن جي شڪايت جي ازالي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو.