اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي شاگردن تي زور ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيندي ملڪي ت??قي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، بلوچستان جا شاگرد جديد تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جون مهارتون حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي تقدير بدلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن بلوچستان ريذيڊنشل ڪاليج، خضدار جي شاگردن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سومر تي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، صدر عارف علوي چيو ته شاگرد پاڻ کي جديد علم ۽ آءِ ٽي مهارت سان ليس ڪري ملڪي تقدير بدلائي سگهن ٿا، شاگرد تعليم تي ڌيان ڏئي ملڪي ت??قي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هن چيو ته حڪومت صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ت??قي تي خصوصي ڌيان ڏئي ??هي آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ بلوچستان جي ت??قي کي نظرانداز ڪيو ويو، هن چيو ته بلوچستان ۾ تعليم جي شعبي جي سهولتن کي ت??قي کي ترجيح ڏني پئي وڃي، صدر عارف علوي چيو ته اقتصادي راهداري، گوادر پورٽ جي تڪميل سان روزگار سان گڏ صوبي ۾ خوشحالي ايندي. صدر بلوچستان جي مختلف علائقن خضدار ۽ لورالائي ۾ ريذيڊنشل ڪاليجز جي قيام تي بلوچستان حڪومت جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته اهو اميد ڪري ٿو ته ريذيڊنشل ڪاليجز صوبي جي تعليمي ت??قي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.