اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? چيو آهي ته پاڪستان صوماليه سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اسان صوماليه سان سائنسي، فني، دفاعي ۽ سفارتي شعبن ۾ پنهنجي مسلسل معاونت جي لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ??ائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي صوماليه جي پنهنجي هم منصب عبدالسعيد موسي علي سان ملاقات دوران چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان صوماليه سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. مخدوم شاهه محمود ق??يش?? چيو ته عوامي س??ح تي ٺوس رابطا ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام جي لاءِ لازمي آهن، هن وقت 2000 جي لڳ ڀڳ صومالي شاگرد پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته جلد ئي ٻطرفي سياسي مشاورت جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت کي حتمي شڪل ڏني ويندي، اسان صوماليه سان سائنسي، فني، دفاعي ۽ سفارتي شعبن ۾ پنهنجي مسلسل معاونت جي لاءِ تيار آهيون. پاڪستان نادرا جي ذريعي صوماليه جي قومي ڊيٽا بيس جي قيام سان گڏوگڏ فوجي تربيتي ڪورسز ۾ پڻ معاونت جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. مخدوم شاهه محمود ق??يش?? چيو ته اسان صوماليه سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. مخدوم شاهه محمود ق??يش?? چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ سڄي دنيا جي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. صوماليه جي پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ??ائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي اعليٰ انتظامن کي ساراهيندي پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? جا ٿورا مڃيا.