اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي بر??دري پاران معاشي شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تن??يم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي ج?? سيڪريٽري ج??رل حسين ابراهيم طحيٰ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان او آءِ سي ج?? سيڪريٽري ج??رل جي پاڪستان جي پهرين دوري تي سندس آجيان ڪئي ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ سندس شرڪت تي ٿورا مڃيا. هن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ او آءِ سي ج?? ڪوششن کي ساراهيو. هن افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي بر??دري پاران معاشي ڳالهين جي ضرورت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي درپيش اسلامو فوبيا جي چئلينج کي پڻ اجاگر ڪيو. هن تجويز ڏني ته او آءِ سي سڄي دنيا جي ماڻهن کي حضرت محمد ﷺ سان مسلمانن جي محبت ۽ عقيدت مندي کان آگاهي ج?? لاءِ قيادت ڪري. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي. او آءِ سي پاران ڪشميرين جي ڀرپور حمايت کي ساراهيندي هن او آءِ سي ج?? سيڪريٽري ج??رل کي درخواست ڪئي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي حمايت جاري رکي. او آءِ سي ج?? سيڪريٽري ج??رل افغان عوام کي درپيش انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ تي ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران ڀرپور ميزباني تي پاڪستان ۽ ان جي عوام ج?? پڻ ٿورا مڃيا.