اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان او آءِ سي پرڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل بوسنيا جي پرڏ??هي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ وفد سان گڏ پرڏ??هي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻط??فن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ بوسنيا جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا موجود آهن. پرڏ??هي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت ت?? زور ڏن??. ٻ??هي پرڏ??هي وزيرن پاڪستان ۽ بوسنيا جي وچ ۾ گڏيل اقتصادي ۽ واپاري ڪميشن جا اجلاس باقاعده منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏ??هي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ لاءِ طئي ٿيل معاهدي تحت شاگردن، استادن ۽ محققن جي مٽاسٽا ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. بوسنيا جي پرڏ??هي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ شاندار استقبال ۽ پرخلوص م??زب??ني تي پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.