اسلام آباد – 29 ڊ??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ??لا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??لا??ات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي فيز 2 ۽ پارٽي تنظيم سازي ??اب?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ??زيراعظم عمران خان کي صوبي ۾ جاري مختلف ترقياتي ??نصوبن جي اڳڀرائي تي ??ڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ايندڙ مرحلي ۾ ڪاميابي جي لاءِ پارتي صفن ۾ اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ممڪن قدم کنيا وڃن. هن صوبي ۾ سمورن جاري ترقياتي ??نصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن صوبي ۾ رهندڙ ماڻهن کي جلد کان جلد رليف ۽ سهولت فراهم ڪري سگهجي.