اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي ??هي، نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي ??ظه??ر لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، رانديگرن جي چونڊ ۾ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن نوجوانن جي معاملن بابت خاص مددگار عثمان ڊار، عاقب جاويد، رانا عاطف ۽ ڪرڪيٽر شاهين آفريدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، کين پنهنجي صلاحيتن جي ??ظه??ر جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي ??هي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻ??يو پيو وڃ?? ته رانديگرن جي چونڊ ۾ ميرٽ جي بالادستي هجي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيور ج?? ڪاميابي ۽ ان جي نتيجي ۾ نوجوانن کي مختلف راندين ۾ پنهنجي صلاحيتن جي ??ظه??ر جا موقعا ميسر اچڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص طور تي ڪرڪيٽ ۾ ڪامياب جوان ۽ لاهور قلندر جي تعاون سان ٽئلينٽ هنٽ پروگرام ۾ اڀرندڙ ڪرڪيٽرز جي ايندڙ پاڪستان سپر ليگ ۾ شموليت جي حوالي سان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو جنهن تي وزيراعظم لاهور قلندر ۽ ڪامياب جوان پروگرام جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم ڪرڪيٽر شاهين شاهه آفريدي جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪارڪردگي کي ساراهيندي وڌيڪ محنت سان پاڪستاني ڪرڪيٽ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار جاري رکڻ جي تلقين ڪئي.