اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪيچ بلوچستان ۾ سي??يورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سي??ريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سي??يورٽي فورسز جي اهلڪارن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دع?? ڪئي آهي. هن چيو ته ملڪ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته شرپسند عنصر پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جا مخالف آهن، ملڪ جي دفاع ۽ امن ۽ امان جي قيام لاءِ ڌرتي جي بهادر سپوٽن جون قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون. هن چيو ته ملڪ دشمن عنصر پنهنجي مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿ??ند??، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر شهزاد وسيم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني به سي??يورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ شهيد ٿيندڙ سي??يورٽي فورسز جي اهلڪارن جي بلند درجن جي دع?? ڪئي.