اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ اربع ڏينهن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ منعقد ت??ري?? ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت بنا وياج قرض پروگرا?? جاري ڪندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ڪامياب پاڪستان پروگرام غربت جي خاتمي لاءِ وزيراعظم جي ويزن جو حصو آهي جنهن ۾ نوجوانن، عورتن، آبادگارن، گهٽ لاڳت وارن گهرن جي تعمير ۽ ڪاروبار شروع ڪر?? جي لاءِ ٻن سالن ۾ ڪل 407 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويندا. ان مدي ۾ حڪومت 56 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪندي. ڪامياب پاڪستان پروگرام جو بنيادي مقصد هيٺئين طبقي کي ريليف فراهم ڪر?? ۽ معاشي واڌويجهه کي فروغ ڏيڻ آهي. ت??ري?? ??يص?? مسجد ??سلام آباد ۾ منعقد ڪئي ويندي. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.