اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??نڌ حڪومت جي ناڪامين، عوامي مسئلن ۽ ڏوهن ۾ اضافي جي خلاف پي ٽي آءِ جو گهوٽڪي کان ڪراچي ”??نڌ حقوق مارچ“ عوامي امنگن جو ترجمان آهي، ساڍا 13 سالن کان پيپلزپارٽي ??نڌ تي حڪ??مت ڪري رهي آهي پر عوام جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ حقوق ??نڌ مارچ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايمبولينس ميسر نه هجڻ تي ??نڌ ۾ اڄ به مريضن کي ٺيلهي تي اسپتالن ۾ آندو وڃي ٿو، ڪراچي جي عوام کي ٽينڪر مافيا، ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته هي اها ??نڌ آهي جتان جا چوها اربين رپين جي ڪ??ڪ کائي وڃن ٿا، پيپلزپارٽي ??نڌ ۾ ايتري ڪرپشن ڪئي جو اتان جا چوها به دلير ٿي ايتري ڪ??ڪ کائي ويا، ??نڌ جي خوراڪ واري وزير جي اسيمبلي فلور تي بيهي اربين رپين جي ڪرپشن جي اعتراف تي بلاول جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن چيو ته ??نڌ ۾ ڏوهن ۽ بدامني جو ذميوار ڪير آهي؟ حقوق ??نڌ مارچ ??نڌ جي مختلف ضلعن ۾ ويندو، گهوٽڪي کان شروع ٿيندڙ ??نڌ حقوق مارچ مختلف ضلعن کان ٿيندو 6 مارچ تي ڪراچي ۾ پڄاڻي تي پهچندو.