اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف سعودي عرب جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ورتو. اها ڳالهه پرڏيهي وزارت جي ترجمان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌائي. وزيراعظم محمد ش??باز شريف دوري دوران گذريل رات سعودي عرب جي ولي عهد ش??زاده محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي هئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ جده ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ پا??ست??ني افرادي قو?? لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جا معاملا بحث هيٺ آيا. سعودي عرب جي دوري دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سميت اعليٰ سطح جو وفد وزيراعظم محمد ش??باز شريف سان گڏ هو.