اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سميت پوري مسلمان امت کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏيندي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي جذبن جو ??ظهار ڪيو آهي. عيد تي پن??نج?? پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ ۾ بابرڪت سعادتن ۽ رحمتن کانپوءِ الله تعاليٰ عيد جو ??نعام عطا فرمايو آهي، جيڪو رب ڪريم جي بي پناهه عنايتن جو ??ظهار آهي. هن چيو ته صبر، ايثار ۽ قرباني جي ان مقدس مهيني اسان کي ٻين جي تڪليفن جو ??يڪو احساس عطا ڪيو آهي، ان جي گهرج آهي ته عيدالفطر جون خوشيون ملهائيندي اسان پن??نج?? ڀرپاسي سمورن لاچار ۽ ضرورتمند ماڻهن ۽ خاندانن جو ??اص خيال رکون اهو هن ڏينهن جي حقيقي روح ۽ نبي رحمت خام النبين ﷺ جو پيغام آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت قوم کي لوڊشيڊنگ جي عذاب کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. عيدالفطر جا ٽي ڏينهن لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو ??ڪم ڏنو آهي ته جيئن اهل وطن عيد جون خوشيون ڀرپور انداز ۾ ملهائي سگهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عيدالفطر جي خوشين ۽ اڳ کان مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام جي تڪليف کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو ويو، من??نج?? پن??نج?? قوم سان واعدو آهي ته اسان جو هر ڏينهن، هر پل ۽ هر صلاحيت توهان جي زندگين ۾ آساني آڻڻ جي لاءِ استعمال ٿيندي، هر ايندڙ ڏينهن سان گڏ توهان محسوس ڪندا ته توهان جي حڪومت جي محنت جي نتيجي ۾ توهان جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي خوشين جي هن ڏينهن اسان پن??نج?? فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي محڪوم مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن کي پڻ ياد ڪريون ٿا ۽ دعا ڪريون ٿا ته الله تعاليٰ انهن کي ظلم ۽ ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏياري ۽ آزادي جي نعمت سان سرفراز فرمائي. هن چيو ته اسان پن??نج?? افغان عوام جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪندي افغانستان ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاڳو آهيون.