اسلام آباد – 09 – جو?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم ش??باز شريف جي ايڊوائيس تي ڪراچي ۾ دهشتگردي سبب فوت ٿ??ندڙ چيني شهرين کي پاڪستان حڪومت پاران لاڏاڻي کانپوءِ تمغه پاڪستان ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ش??باز شريف ٽن چيني شهرين کي تمغه پاڪستان ڏيڻ جي ايڊوائيس صدر کي موڪلي هئي. چيني شهري 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻيا هئا. چيني استاد ڪراچي يونيورسٽي جي داخلي دروازي تي خودڪش ڌماڪي ۾ فوت ٿ?? ويا هئا. ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ڪراچي جي ڊائريڪٽر هوآنگ گيوپنگ، تِنگ موفانگ ۽ ڇن سائي کي اعزاز ڏنو وي?? آهي. چيني رهواسين کي چين پاڪستان دوستي جي لاءِ عظيم خدمتن جي اعتراف ۾ اعزاز ڏنا ويا.