اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هي??ٿ ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن چ??و ته ٻوڏ جي هنگامي صورتحال ۾ هي??ٿ ڪيمپن مان ماڻهن کي رليف ملندو. هن چ??و ته لسٻيلا سميت بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ هي??ٿ ڪيمپون ڪم شروع ڪري چڪيون آهن. هن چ??و ته سنڌ جي 7 ضلعن قمبر شهدادڪوٽ، دادو، نوشهرو فيروز، سانگهڙ، مٽياري ۽ بدين ۾ پڻ هي??ٿ ڪيمپ لڳايا ويا آهن. هن چ??و ته هي??ٿ ڪيمپن ۾ دوائن سميت فري صحت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چ??و ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، اسان ڏک ۽ مصي??ت جي هن گهڙي ۾ عوام سان گڏ آهيون.