اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي تڪبر ۽ خودپسندي جو ذ??ني مريض هجڻ سبب خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آه?? ته عمران خان کي ڪنهن اداري، ان جي سربراهه يا جج کي گاريون ڏيڻ ۾ ڪو شرم نه آه??، عدالتن کي خبر هجڻ گهرجي ته عمران خان کي نه ندامت آه?? ۽ نه ئي شرمندگي، بزدل، انا پرست، خوش پسندي ۽ تڪبر ۾ ٻڏل شخص خطرناڪ ئي هوندو آه??، هو هڪ نڪ نرڄو، فسادي ۽ بي شرم انسان آه??، جيڪو کلي ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ٻوڏ تي سياست ڪري ٿو، قوم ۽ ميڊيا کي اپيل آه?? ته خود پسند، انا پرست ماڻهو بدران ٻوڏ متاثرين طرف ڌيان ڏين. پنهنجي بي??ن ۾ مريم اورنگزيب چيو ته متاثرين هن وقت ٻوڏ جي تڪليف ۾ آه??، انهن پاڪستاني رهواسين جي مدد تي ئي قوم ۽ ميڊيا پنهنجو ڌيان ڏي. هن چيو ته عمران خان ٻوڏ متاثرين جي جذبن سان کيڏي انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو، اهو بيمار ذهنيت وارو شخص ٻوڏ متاثرين جي اٽي تي به سياست ڪري ٿو، هي پنهنجي گهٽيا سياست جي لاءِ ٻوڏ متاثرين جي امداد روڪرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اها بيمار ذهنيت آه?? جيڪو سمجهي ٿو ته آئون وزيراعظم نه آه??ان ان لاءِ ٻوڏ متاثرين جي مدد نه ڪندس، ڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي روڪرائي ٿو، ڪڏهن ٻوڏ متاثرين جي امداد روڪرائڻ جي گهٽيا ڪوشش ڪري ٿو، هي اهو ئي ذ??ني بيمار آه?? جيڪو پنهنجي سياست جي لاءِ شهيدن جي خلاف سوشل ميڊيا تي زهريلي مهم هلائي ٿو.