اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??صوصي ??د??يت تي ڪوئيٽا سبي ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئي جنهن کانپوءِ ڪوئيٽا کي 300 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 220 ڪي وي ڪوئيٽا انڊسٽريل گ??ڊ اسٽيشن به بحال ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ علائقي جي 132 ڪ?? وي جي 19 گرڊز ڪوئيٽا انڊسٽريل گ??ڊ اسٽيشن سان ڳنڍيو ويو آهي. قومي شاهراهه اين – 65 (سکر – ڪوئيٽا) کي پڻ هيوي ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪيو ويو آهي جنهن سان نصيرآباد ڊويزن ۽ ٻين ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي سامان پهچائڻ ۾ آساني ٿيندي. واضح رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحالي جي ڪمن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان کيس روزاني جي ??نياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.