نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۽ ان کان ٻاهر پائيدار امن ۽ استحڪام جي ل??ءِ عبوري افغان حڪومت سان عالمي رابطا جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي ترجيح آه??. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي افغانستان جي ل??ءِ آمريڪا جي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پرڏيهي وزير توسيعي ٽرائيڪا مڪينزم سميت افغانستان ۾ اڳتي وڌڻ جي ل??ءِ علائقائي اتفاق ر??ءِ پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. هن افغانستان سان ٻطرفي ڳالهين جي حمايت سان گڏوگڏ عالمي انساني امداد جي وسيع سهولت ل??ءِ پاڪستان پاران کنيل مختلف قدمن تي پڻ روشني وڌي. افغانستان ۾ انساني همدرديءَ جي امڪانن جو حوالو ڏيندي جن بابت گڏيل قومن ۽ عالمي ايجنسين خبردار ڪيو آه?? ته ايندڙ سرديءَ جي موسم ۾ وڌيڪ خراب ٿي وينديون، پرڏيهي وزير زور ڏنو ته اهڙي طرح جي صورتحال جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي پناهگيرن جي لڏپلاڻ ٿي سگهي ٿي ۽ دهشتگردن/ انتهاپسندن کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو ۽ ان جا علائقائي ۽ عالمي اثر پوندا. افغانستان جي ل??ءِ آمريڪي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ انخلا ۾ سهولت تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين افغان عوام جي مصيبتن جي خاتمي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ مسلسل ڪوششن ۽ عالمي برادري جي شموليت جي گڏيل مقصدن جي ل??ءِ مسلسل تعاون جي ضرورت جو اعتراف ڪيو.