نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي اڄ اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ورلڊ بئنڪ گروپ جي صدر ۽ ٻين غيرملڪي شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ج??رل اسيمبلي جي اجلاس جي ٻئي ڏينهن به مصروف ڏينهن گذاريندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ ورلڊ بئنڪ گروپ جو صدر ڊيوڊ مالپس ملاقات ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي 77 هين اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ زوم ميٽنگ جي به صدارت ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي صدر سابا ڪوروسي ۽ يورپي يونين جي صدر ارسالا وين ڊرلي اين سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم مصر پاران 27 هين سي او پي جي حوالي سان ٿيندڙ سربراهن جي بند ڪ??ري اجلاس ۾ ب?? شريڪ ٿيندو. وزيراعظم فن لينڊ جي صدر سعولي ننسطو سان ٻطرفن معاملن تي ملاقات ڪندو. شام جو وزيراعظم آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪن ني??رل هسٽري ميوزيم ويندو.