اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 129 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 14، چي?? مان 4، ازبڪستا?? مان هڪ، قطر مان چار، فرانس مان هڪ، يونيسيف جو?? ٽي، گڏيل ق??من جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات جي هلائي ويندڙ 13 اڏامون، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جو?? ٽي، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، اومان جون 8، يونان ۽ اٽلي جي هڪ، هڪ ۽ سعودي عرب جون 9 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ايران مان 100 ??ن امدادي سامان ٽرڪن ذريعي پاڪستان پهتو آهي. ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ترڪيه پارا?? ٽي ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سامان پاڪستان موڪليو ويو آهي. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تاجڪستا?? مان 87 ٽرڪن ذريعي امدادي سامان موڪليو ويو آهي. گڏيل عرب امارات مان امدادي سامان کڻي هڪ سامونڊي جهاز پڻ ڪراچي پهتو آهي.