اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ۾ آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر سينيٽر جيمز رش سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير آمريڪي سينيٽ ميمبر سان ٿيندڙ ملاقات دوران پ??ڪس??ان ۾ ٻوڏ جي تباهين جي اثرن جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ ملڪ جي ٽئين حصي کان وڌيڪ حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا جيڪي آسٽريليا جي آبادي کان وڌيڪ آهن. هن 66.1 ملين ڊالر جي آمريڪي امداد کي ساراهيندي چيو ته پ??ڪس??ان کي وڌيڪ تمام گهڻي ضرورت آهي ڇو ته شروعاتي ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصانن جي نشاندهي ڪري ٿو. پرڏيهي وزير متاثر آبادي کي درپيش چئلينجن جو پڻ ذڪر ڪيو جن ۾ صحت جي صورتحال، مليريا، ڊينگي ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ وبائي بيماريون شامل آهن. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پ??ڪس??ان گرين هائوس جي اخراج جي لاءِ گهٽ کان گهٽ ذميوار هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي. پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي ڪانگريس تاريخي طور تي قدرتي آفتن ۾ پ??ڪس??ان سان گڏ بيٺل رهي آهي. هن اميد ظ??هر ڪئي ته آمريڪا پ??ڪس??ان سان تعاون جاري رکندو. آمريڪي سينيٽر پ??ڪس??ان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي پرڏيهي وزير سان همدردي جو اظهار ڪيو، ٻنهي طرفن پاران پرامن، مستحڪم افغانستان جي ضرورت سميت علائقائي مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير سينيٽر جيمز رش کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو جائزو وٺڻ لاءِ پ??ڪس??ان جو دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني.