اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن هڪ ڪانفرنس ۾ ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز ن??ري??ازي جي مذمت ڪندي چيو ??هي ته اتحادي حڪومت ۽ منهنجي پارٽي آئين موجب هر شهري جي اظهار جي آزادي جي حق کي يقيني بڻائڻ جي پختي عزم تي قائم آهي، اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ??هي ته حڪومت شهرين کي پا?? اهڙا فو??مز مهيا ڪري ٿي جتي اهي عوامي اهميت جي معاملن تي پنهنجي اختلافي موقف، راءِ ۽ راءِ جي آزادي جو پوري طرح سان اظهار ڪن، اهڙن فو??مز جو سياسي مفادن جي لاءِ رياستي ادارن خاص طور تي هٿياربند فو?? کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي. وزيراعظم چيو ته هٿياربند فو?? جا آفيسر ۽ جوان اندروني ۽ ٻاهرئين خطرن کان ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. هن اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي حقن کي برقرار رکڻ جي قوم کي خاطري ڪرائيندي آچر ڏينهن رياستي ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز ن??ري??ازي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته مون کي افسوس ??هي ته ڪجهه شرڪت ڪندڙن پاران ائين ڪيو ويو. هن چيو ته اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.