گڏيل قومون – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ ان جي مشن جو بن??ادي مقصد بين الاقوامي طور تي تسلم ڪيل تڪراري علائقي ڄمون ڪشمير جي ماڻهن کي حق خو??اراديت جو تحفظ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ عالمي اداري جي مختلف فورمن تي پنهنجي ملڪ جي فعال ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ان بيان جي آجيان ڪري ٿو جنهن ۾ هن چيو هو ته تڪراري ڪشمير کي گڏيل قومن جي چ??رٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي بن??اد تي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گڏيل قومن جي چ??رٽر ۽ قراردادن ۾ چيو ويو آهي ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام ??ڏيل قومن جي نگراني ۾ آزادانه ۽ منصفانه راءِ جي ذريعي پنهنجي حق خو??اراديت کي استعمال ڪري ڪندا.