اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته ماضي جي ڪنهن حڪومت ماحولياتي تبديلين جي ح??ال?? سان ڳڻتي ظاهر نه ڪئي، پهرين حڪومت آهي جنهن ماحولياتي تبديلين جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا آ??ن، شهرن جي پکيڙڻ بدران اسان گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير ڏانهن وينداسين، حڪومت ۾ اچڻ اڳ منهنجو اهو عزم هو ته اقتدار ۾ اچي ماحولياتي تبديلي اولين ترجيح هوندي، اهو ئي سبب آهي جو خيبرپختونخوا ۾ 2013ع ۾ حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اسان بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو، ان منصوبي جي آغاز دوران معلوم ٿيو ته ٽمبر مافيا هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن تي ڪا به جهل پل نه آهي، 10 گارڊ ان مافيا جي هٿان ماريا ويا، گذريل 10 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻ وڍيا ويا، اهو ئي سبب آهي جو لاهور آلوده ترين شهر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن واري ستين ايشيائي علائقائي ڪن??رويشن ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪن??ي ڪيو.