اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائري??ٽر ۽ سينئر صحافي مسعود ملڪ کي سوين سوڳوارن جي م??جودگي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي ايڇ ايٽ قبرستان ۾ مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر حاجي نواز کوکر، ??رفان صديقي، پرنسپل انفارميشن آفيسر ( پي آءِ او) طاهر خوشنود، پيمرا جو چيئرمين سليم بيگ، صدر جي پريس سيڪريٽري م??ان جهانگير، ??يسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي م??نيجنگ ڊائري??ٽر طارق محمود خان، مشهور سماجي اڳواڻ ڊا??ٽر جمال ناصر، قومي اسيمبلي م??مبر صداقت عباسي، انجم عقيل خان سميت اهم سياسي ۽ سماجي شخصي??ن، سينئر صحافين، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.