اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي لاهور ۾ دل جي ??رض واري اسپتال ۾ وڪيلن جي حملي جي مذمت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته انسانيت جي مسيحا سفيد ڪوٽ پاتل ڊاڪٽرن ۽ ڪارو ڪوٽ پاتل قانون جي رکوالن جي وچ ۾ ٽڪراءُ ڪنهن به طرح م??ڪ جي معاشرتي نظام ۾ بهتر عمل نه آهي، وفاق، صوبائي حڪومتون ۽ پي ٽي آءِ وڪيل تنظيمون گڏجي سڄي م??ڪ جي بار ڪائونسلز ۽ وڪيل تنظيمن سان رابطو ڪري اهڙن واقعن جي تدارڪ لاءِ حڪمت عملي جوڙين. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي ج?? اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي ج?? اجلاس ۾ م??ڪ جي موجوده معاشي، ??ياسي صورتحال، عوام سان جڙيل مسئلن جي حل لاءِ قدمن ۽ حڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو.