اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڊجيٽل پاڪستان جو منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن جو مقصد نوجو??نن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي ته جيئن هو آزاداڻي طور تي ڪم ڪري ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ا??ا ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظ??ار وزيراعظم عمران خان ملٽي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز ڪمپني وي آن (VEON) جي چيف آپريشنز آفيسر سرگي هيريرو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. جاز پاڪستان وي آن ??ي ذيلي ڪمپني آهي.