اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ضرورتمند گهراڻن کي روڪ رقم جي منتقلي جي پروگرام جي سلسلي ۾ ڀارت کي مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي پ??غا?? ۾ وز??راعظم انگريزي اخبار جي رپورٽ جو حوالو ??يندي چيو ته ان رپورٽ موجب ڀارت ۾ 34 سيڪڙو گهراڻا مدد فراهم نه ڪرڻ جي صورت ۾ هڪ هفتي کان وڌيڪ زنده رهڻ جي قابل نه هوندا، هن چيو ته اسان جي حڪومت 9 هفتن جي دوران هڪ ڪروڙ خاندانن کي ڪووڊ 19 سبب پيدا ??يندڙ صورتحال ۾ 120 ارب روپين جي روڪ رقم شفاف طريقي سان فراهم ڪئي آهي، اسان جي ان پروگرام کي عالمي طور تي ساراهيو ويو آهي، وز??راعظم آڇ ڪئي ته هو ان طرح پروگرام جي لاءِ ڀارت کي مدد ۽ معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.