اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ۽ اقليت گروهن جي خلاف دهشتگردي جو راڄ مڙهيو آهي، آسٽريا ۽ سوئيڊن لاءِ نامزد سفير ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز ج?? ظلمن ۽ انساني حقن جي پائمالين کي اجاگر ڪن. پاڪستان هري پور ۾ انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي قيام ۾ آسٽريا جي تعاون جي آجيان ڪري ٿو. پاڪستان سوئيڊن سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ سوئيڊن سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. اه??ن خيالن جو اظ??ار هن آسٽريا ۾ نامزد پاڪستا??ي سفير آفتاب احمد کوکر ۽ سوئيڊن ۾ نامزد پاڪستا??ي سفير ظهور احمد سان ڌار ڌار ملاقاتن دوران ڪيو.