فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اسڪروٽني ڪميٽي جي بار بار پڇڻ جي باوجود مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) فرار اختيار ڪيل آهن: شبلي فراز

image
APP28-040121 ISLAMABAD: January 04 - Federal Minister for Information and Broadcasting, Senator Shibli Faraz and Parliamentary Secretary for Railways, Farrukh Habib addressing Press Conference. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ڪميشن ۾ داخل فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اسڪروٽني ڪميٽي جي بار بار پڇڻ جي باوجود مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) فرار اختيار ڪيل آهن، نيب ۽ اليڪشن ڪميشن آڏو مظاهرو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ فارن فنڊنگ جا دستاويز اليڪشن ڪميشن کي پيش ڪري پنهنجا چونڊ نشان ۽ حاصل ڪيل فارن فنڊز ضبط ٿيڻ کان بچائين، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جيڪا کڏ پي ٽي آءِ لاءِ کوٽي هئي ان ۾ پاڻ ئي ڪري پئي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري پارلياماني سيڪريٽري فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت