پاڪستان جي عوام احمد فراز کي جيڪا محبت ڏني ان جو مثال نٿو ملي: شبلي فراز

image
APP22-120121 ISLAMABAD: January 12 - Senator Shibli Faraz, Federal Minister for Information and Broadcasting offering fatiha at the grave of his father, renowned poet Ahmad Faraz. APP

اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته جيڪي قومون پنهنجي هيروز کي ياد رکنديون ۽ انهن جي فڪر کي اڳتي وڌائينديون آهن اهي ئي حقيقت ۾ پوئتي پيل طبقن جي مسئلن کي حل ڪندي ترقي جا هدف حاصل ڪنديون آهن، احمد فراز پاڪستان جو اثاثو هيو جنهن پنهنجي شاعري جي ذريعي پوئتي پيل طبقن جي ترجماني ڪئي، پاڪستان جي عوام احمد فراز کي جيڪا محبت ڏني ان جو مثال نٿو ملي. هو ايڇ ايٽ قبرستان ۾ پنهنجي والد سيد احمد شاهه (احمد فراز) جي جنم ڏينهن جي موقعي تي فاتحه خواني کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : loteria estadual