تاجڪستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري جي پڄاڻي تي پڌرنامو جاري

image
APP06-020621 ISLAMABAD: June 02 – Prime Minister Imran Khan meets President of Tajikistan H.E. Emomali Rahmon. APP

اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف جي پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. گڏيل پڌرنامي موجب امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جلد کان جلد اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ جي لاءِ قدمن، ڪاسا 1000 کي جلد مڪمل ڪرڻ، واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، توانائي، ثقافت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ وڏندڙ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ ريل، رستي ۽ فضائي رابطن جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ نوان آپشنز استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس