ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين پاران مٽاسٽا جي ناڻي ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي: فرخ حبيب

image

اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين پاران مٽاسٽا جي ناڻي ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين چئن مهينن دوران انهن پاران موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو 10.6 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مٽاسٽا جو ناڻو گذريل مالي سال جي پهرين چئن مهينن کان 12 سيڪڙو وڌيڪ جڏهن ته 2018ع جي پهرين چئن مهينن کان 63 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش