پاڪستان ۾ ئي نه پر پوري دنيا ۾ مهانگائي جو سيلاب آيل آهي، عوام جي مشڪلاتن جي خبر آهي، اعتماد رکو مشڪلاتن مان ڪڍنداسين: وزيراعظم

image
APP46-161121 ISLAMABAD: November 16 - Prime Minister Imran Khan addressing at Ground-Breaking ceremony of Lilla-Jehlum Dual Carriageway. APP

اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ئي نه پر پوري دنيا ۾ مهانگائي جو سيلاب آيل آهي، عوام جي مشڪلاتن جي خبر آهي، اعتماد رکو مشڪلاتن مان ڪڍنداسين، عام ماڻهو جي لاءِ وڏو پئڪيج آڻي رهيا آهيون، پنهنجو پاڻ کي شير شاهه سوري چورائيندڙن جي دور ۾ ٺاهيل رستن کان اسان سستا رستا ٺاهي رهيا آهيون، ڪورونا جي صورتحال ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جي حڪمت عملي کي دنيا ساراهيو آهي، عالمي بئنڪ جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ غربت ۾ گهٽتائي آئي آهي، ايندڙ 10 سالن ۾ 10 ڊيم ٺاهينداسين، اسان جي حڪومت ايندڙ نسلن جو سوچيو آهي، ايندڙ اليڪشن جو نه، دنيا چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رهي آهي، حيرت آهي مخالف ڌر اي وي ايم کان ڇو ڊنل آهي، حڪومت جي ڪارڪردگي کان انهن کي خطرو آهي ته انهن جا سياسي دڪان بند ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن جهلم – للها ٻن ڦاڪن واري رستي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا ۾ چونڊن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر حيرت آهي ته مخالف ڌر کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) سان ڪهڙو مسئلو آهي آ۽ اهي ان کان ڇو ڊنل آهن، هاڻي ته ٽيڪنالاجي ايستائين پهچي وئي آهي جو ڪو وزيراعظم، وڏو وزير ۽ وزير ڪوڙ نه ٿو ڳالهائي سگهي ڇو ته سمورا انگ اکر ۽ معلومات انٽرنيٽ تي موجود آهي، جڏهن حڪومت اقتدار ۾ آئي ته ڪيترو وڏو خسارو ۽ قرض ۽ قرضن تي ڪيتريون قسطون ادا ڪرڻيون هيون، سڀ کان وڏو خسارو اسان کي مليو پر اسان ملڪ کي سنڀاليو، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ ڊگهي مدي واري ترقي آڻڻي آهي، اهي ملڪ ترقي ڪندا آهن جيڪي ايندڙ نسلن جو سوچين ٿا، ايندڙ چونڊن جو سوچيندڙ ملڪ ترقي نه ٿا ڪن، چين جي ترقي جو راز ڊگهي مدي واري منصوبابندي آهي ۽ چين جي قيادت پنهنجي ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۽ ترقياتي منصوبن جو سوچيو، چونڊ فائدي جي لاءِ ميٽرو تي اربينر پيا لڳائڻ سان قوم ترقي نه ٿي ڪري، اسان جي حڪومت ايندڙ نسلن جو سوچيو آهي، ايندڙ چونڊن جو نه. وزيراعظم چيو ته آبادي وڌي رهي آهي، ملڪ کي پاڻي جي ضرورت آهي ڇو ته اسان کي اڳي پاڻي جي کوٽ درپيش آهي، اناج جي طلب تيزي سان وڌي رهي آهي، وڌندڙ آبادي جي ڏس ۾ اسان کي زرعي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، 50 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽي وڏا ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، ايندڙ 10 سالن ۾ 10 ڊيم ٺاهينداسين، انهن جي پهرين منصوبابندي ته ڪئي وئي پر عملي طور تي ڪجهه نه ڪيو ويو، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو اڳ ۾ سوچيو ئي نه ويو، جڏهن 2013ع ۾ وڻ لڳائڻ جو سوچيو ته اسان جو مذاق اڏايو ويو ڇو ته اڳ ۾ ڪنهن وڻ لڳائڻ طرف ڌيان نه ڏنو ۽ ٻيلا وڍيا ويا، ڇانگا مانگا، چونيان، ڪنديان ۽ چيچا وطني ۾ وڏا وڏا ٻيلا هئا پر ٻيلن جو به خاتمو ڪيوويو، ڪنهن نيشنل پارڪس ئي نه ٺاهيا، لاهور باغن جو شهر سڏرائيندو هو پر گذريل 20 سالن ۾ اتي وڻن جي واڍي جي ڪري آلودگي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، موجوده حڪومت جي دور ۾ هيستائين اڍائي ارب وڻ لڳايا ويا آهن جڏهن ته 10 ارب جو هدف آهي، اڳوڻي حڪومتن جي دور ۾ پنهنجي ساراهه جي لاءِ اشتهارن ۽ ميڊيا تي اربين رپيا خرچ ڪيا ويندا هئا پر دنيا ان جي ساراهه نه ڪئي، هاڻي برطانيا جو وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جو مثال ڏئي رهيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيترو زبردست ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي صورت ۾ دنيا ۾ سئو سالن کانپوءِ وڏو بحران آيو آهي، دنيا جي ناليواري رسالي اڪانومسٽ ڪورونا جي خلاف اسان جي ڪامياب حڪمت عملي کي ڀرپور طريقي سان ساراهيو آهي ته ڪهڙي طريقي سان اسان پنهنجي ماڻهن کي به ڪورونا کان محفوظ رکيو آهي، اسپتالن ۾ به ايتري تباهي نه ٿي جهڙي طرح اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ ٿي ۽ پاڪستان پنهنجي معيشت به بچائي. وزيراعظم چيو ته اسان جا مخالف غربت ۾ اضافي جي ڳالهه ڪن ٿا پر ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستان ۾ ئي نه پر پوري دنيا م مهانگائي جو سيلاب آيل آهي پر عالمي بئنڪ جي رپورٽ موجب اسان جي دور ۾ ملڪ ۾ غربت جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، مشڪل وقت آهي پر عوام کي مڪمل اعتماد هجڻ گهرجي ته جهڙي طرح ڪورونا کان حڪومت پنهنجي عوام کي بچايو آهي، جهڙي طرح مشڪل حالتن ۾ مشڪل فيصلا ڪيا آهن، جهڙي طرح اين سي او سي جهڙو ادارو ٺاهيو آهي ۽ سڄي ملڪ کي گڏ ڪري فيصلا ڪيا آهن انشاءَ الله ان مان به نڪرنداسين. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جوسيلاب ٻاهران اچي رهيو آهي، ٽن مهينن ۾ تيل جون قيمتون ٻيڻيون ٿي ويون آهن ۽ وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي، درآمدي شين جون قيمتون به وڌي ويون آهن، ڪورونا ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري مصنوعات جي پهچ ۾ مشڪلاتون پيدا ٿيون ۽ مهانگائي ۾ به اضافو ٿيو آهي، ماڻهن جي مشڪلاتن جي خبر آهي، انهن کي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين، عام ماڻهو جي مشڪل آسان ڪرڻ جي لاءِ وڏو پئڪيج آڻي رهيا آهيون، وزيراعظم چيو ته جهلم ۾ سياحت جي حوالي سان تمام گهڻا خوبصورت علائقا آهن ۽ هتي قديم تاريخي جايون ۽ معدنيات آهن، رستي جي تعمير سان هتي ماڻهن کي فائدو ٿيندو ۽ صنعتن کي هٿي ملندي. وزيراعظم چيو ته لنڊن ۾ ويهي ملڪ جي حالتن تي ڏک جو اظهار ڪندڙن ۽ پنهنجو پاڻ کي شير شاهه سوري چورائيندڙن جيڪو ڪجهه ڪيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي، مسلم ليگ (ن) جي ٽن سالن ۾ 645 ڪلوميٽر جي ڀيٽ ۾ اسان جي ٽن سالن ۾ 1750 ڪلوميٽر ڊگها رستا ٺاهيا ويا آهن، مسلم ليگ (ن) جي 5 سالن ۾ 2 هزار 317 ڪلوميٽر رستن جا ٽينڊر جاري ڪيا ويا اسان جي ساڍي ٽن سالن ۾ هيستائين 3 هزار 228 ڪلوميٽر رستن جا ٽينڊر جاري ٿي چڪا آهن. وزيراعظم چيو ته اهو ملڪ ڪڏهن به ترقي نه ٿو ڪري سگهي جنهن جا حڪمران ڪرپٽ هجن، جن ملڪن ۾ قانون ۽ ادارا مضبوط هجن اتي غربت ناهي هوندي، غربت انهن ملڪن ۾ هوندي آهي جتي حڪمران پئسو چوري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا، 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي ٻن ڦاڪن وارا رستا ٺاهيا ويا هئا، انهن جي ڀيٽ ۾ موجوده مهانگائي جي دور ۾ 2021ع ۾ 33.37 سيڪڙو جو فرق آهي ۽ اسان جي دور ۾ مهانگائي جي باوجود وڌيڪ سستا رستا ٺاهيا پيا وڃن، اين ايڇ اي جي چئن ڦاڪن وارا رستا اسان جي دور ۾ 53 سيڪڙو سستا ٺاهيا پيا وڃن ڇو ته ان ۾ اي ٽينڊرنگ ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ هيرڦير نه ٿي ٿي سگهي جڏهن ته ان کانسواءِ موٽروي جي چئن ڦاڪن واري منصوبي جي تعميري لاڳت مسلم ليگ (ن) جي دور جي ڀيٽ ۾ ٺاهيل موٽروي کان 19.6 سيڪڙو گهٽ آهي، مسلم ليگ (ن) رستن تي هڪ هزار ارب رپيا اضافي خرچ ڪيا ۽ ان هڪ هزار ارب رپين مان مختلف علائقن جي تقدير بدلائي سگهجي ٿي، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٺاهي سگهون ٿا، اها رڳو اسان رستن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، ٻين منصوبن جي ته ڳالهه ئي نه ڪري رهيا آهيون، بجلي جي منصوبن تي ڪيتري رقم خرچ ٿيڻي هئي ۽ ڪيتري ڪئي وئي، لنڊن ۾ وڏن وڏن محلن ۾ رهندڙ ۽ وڏين وڏين گاڏين ۾ سفر ڪندڙن وٽ سڄو پئسو هتان ويو ۽ اهي اڄ اهو نه ٻڌائي سگهيا ته لنڊن ۾ ورتل اربين رپين جي فليٽس لاءِ پئسو ڪٿان آيو ۽ ان جي ثبوت لاءِ هڪ دستاويز تائين نه پيش ڪري سگهيا. وزيراعظم چيو ته پنجاب حڪومت خاص طور تي خراج تحسين جي مستحق آهي، جنهن ڏينهن کان موجوده حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي مخالف ڌر ان جي وڃڻ جون تاريخون ڏيندي رهي آهي ۽ اهي اهو ان لاءِ چاهين ٿا ته انهن کي خبر آهي ته 5 سالن کانپوءِ حڪومت جي ڪارڪردگي کان انهن کي خطرو آهي ته انهن جا سياسي دڪان بند ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير جنون سان جهلم جي ترقي لاءِ جنگ وڙهي آهي، کيس، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ انهن جي پوري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن