وزيراعظم سان آسٽريا جي وفاقي چانسلر ڪارل نيهمر جي ملاقات

image
APP69-200922 NEW YORK: September 20 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif meets H.E Mr. Karl Nehammer, Federal Chancellor of Republic of Austria on the sidelines of 77th Session of UNGA. APP

نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي آسٽريا جي وفاقي چانسلر ڪارل نيهمر ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هو.

مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش