ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي جو اجلاس

image
APP25-25 ISLAMABAD: February 25 - Adviser to the Prime Minister on Finance and Revenue, Dr. Abdul Hafeez Shaikh chairing a meeting of the Cabinet Committee on Privatization (CCoP). APP

اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي (سي سي او پي) نجڪاري جي سمورو عمل جلد ۽ شفاف انداز ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن مقرر نظام ۽ وقت ۾ ان حوالي سان سمورا هدف حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهن، ايس ايم اي بئنڪ لميٽيڊ ۽ پاڪ انشورنس ڪمپني لميٽيڊ جي 20 سيڪڙو نجڪاري جي حوالي سان تيز اڳڀرائي جاري آهي ۽ نجڪاري جو عمل مقرر نظام ۽ وقت جي اندر مڪمل ٿي ويندو، 747 ميگاواٽ گڊو پاور پلانٽ جي نجڪاري لاءِ مالياتي صلاحڪارن جي طرفان دلچسپي جي اظهار جا خط ملي چڪا آهن. ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر