وزيراعظم صورتحال جي نگراني ڪري پيو: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ/ ميجر جنرل بابر افتخار /ڊاڪٽر ظفر مرزا

image
APP52-19 ISLAMABAD: March 19 - Special Assistant to the Prime Minister on Health Dr Zafar Mirza, Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan & DG ISPR Maj. Gen. Babar Iftikhar briefing the media on the current situation of COVID-19. APP

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) ڪرونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون صوبائي حڪومتون ۽ پاڪستاني فوج ڏينهن رات محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي، قومي ڪوششن جي سپورٽ ۾ ميڊيڪل ايڪشن پلان بڻايو آهي، ٽنهي هٿياربند فوج جي ميڊيڪل سهولتن کي هر طرح سان تيار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، هٿياربند فوج جو ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار ۽ وزيراعظم جو صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.

مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم