قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير علي عليزاده جي ملاقات

image
APP21-08 ISLAMABAD: September 08 - Ambassador of Azerbaijan Ali Alizada called on Speaker National Assembly Asad Qaiser. APP

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير علي عليزاده ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پائيدار سفارتي لاڳاپا هموار آهن، پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نه رڳو ثقافتي، مذهبي ۽ جاگرافيائي هڪجهڙائي آهي پر علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جا موقعا موجود آهن. قومي اسيمبلي ۾ قائم پاڪ آذربائيجان پارلياماني دوست گروپ پارلياماني رابطن ۾ اضافي جي لاءِ مناسب فورم ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪشمير جي مسئلي جو ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهي.

مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada