ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان ساهيوال ۾ صحت، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم ڊسٽرڪٽ هيدڪوارٽر اسپتال ساهيوال ۾ ??ال??ي معيار جي ڪارڊيالاجي ۽ ڪارڊيڪ سرجري بلاڪ جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. نئين بلاڪ جي تعمير سان ساهيوال جي ماڻهن کي مقامي سطح تي ??ال??ي معيار جي علاج جي سهولت مل?? سگهندي. ان کانسواءِ وزيراعظ?? عمران خان سالڊ ويسٽ سيگريگيشن?? ٽريٽمينٽ ڊسپوزل منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان منصوبي تحت ڪچرو گڏ ڪرڻ کانپوءِ ان کي مختلف درجن ۾ ورهائي بهتر طريقي سان تلف ڪر?? سگهبو، ان سان گڏوگڏ هن ساهيوال ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ اڪيڊمي جو پڻ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ وزيراعظم پاڪپتن ۾ بابا فريدالدين گنج شڪر جي دربار ويجهو قائم ڪيل لنگرخاني ”سرائي قطب“ جو پڻ افتتاح ڪيو. هن ا?? موقعي تي ساهيوال ۾ پنجاب انٽرميڊيئٽ سٽيز امپروومينٽ انويسٽمينٽ پروگرام تحت صاف پاڻي، پاڻي جي نيڪالي ۽ ماحولياتي درستگي، پارڪس جي تعمير جي لاءِ 18 ارب رپين جي ماليت جي منصوبن جو پڻ پيڙهه جو پٿر رکيو.