اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته پاڪستان ۾ جن پارٽين 30 سال حڪومت ڪئي، اڄ اهي پنهنجو منهن لڪائي رهيون آه??، تحريڪ انصاف واحد حڪومت آه?? جيڪا عوام جي سامهون پنهنجي ڪارڪرد??ي فخر سان پيش ڪري رهي آه??، سمورين وز??رت?? جي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ نئين روايت آه??، اڄ اس??ن جي پرڏيهي پاليسي خودداري تي ٻڌل آه??، افغانستان ۾ اس??ن جي ڪردار جي اڄ پوري دنيا اعتراف ڪري رهي آه??. وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي عالمي افق تي واپس آندو، ڪشمير، فلسطين سميت ٻين وڏن مسئلن تي اس??ن جي حڪومت هڪ آواز آه??، تحريڪ انصاف جي حڪومت آبادگارن جي مفاد ۾ ڪيترائي قدم کنيا، هيٺين طبقي لاءِ احساس پروگرام شروع ڪيو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ جدت آندي، اس??ن عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا، وزيراعظم عمران خان اڄ پنهنجي حڪومت جو آئنده جو لائحه عمل پيش ڪندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هو. وفاقي وزير چيو ته اڄ ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي اس??ن جو موٽو ”لگن، انصاف، انسانيت ۽ خودداري اس??ن جي منزل“ آه??. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت انصاف، انسانيت ۽ خودداري لاءِ ڪم ڪيو، ماضي ۾ 30 سال حڪومتون ڪندڙ اڄ پنهنجو منهن لڪائي رهيا آه??، پر وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي ٽن سالن جي ڪارڪرد??ي فخر سان عوام جي سامهون پيش ڪري رهي آه??، هن چيو ته ڪنهن سياسي پارٽي ۾ جرئت ??ه آهي ته هو عوام جي سامهون اچي انهن سان ڪيل واعدن تي پنهنجي ڪارڪردگي پيش ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان اڄ سمورين وز??رت?? جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي تي ٻڌل ايئر بڪ جو به افتتاح ڪري رهي آه??، هر وزارت پنهنجي ڪارڪردگي عوام جي سامهون پيش ڪري رهي آه??، اس??ن عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا آه??، هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اڄ جي تقريب جي ميزبان آه??. چوڌري فواد حسين چيو ته اس??ن سمورا انگ اکر ۽ حقيقت سان گڏ پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ عوام جي سامهون رکنداسين، اس??ن آبادگارن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو، آبادگارن کي 1100 ارب روپين جي اضافي آمدني ٿي، جڏهن آمدني ۾ اضافو ٿيندو آه?? ته مهانگائي ۾ اضافو غير لاڳاپيل ٿي ويندو آه??، هن چيو ته اس??ن هيٺين طبقي لاءِ احساس پروگرام شروع ڪيو، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ستر سالن کانپوءِ وڏا سڌارا ڪيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ جدت آندي وئي، اڄ اس??ن جي پرڏيهي پاليسي خودداري تي ٻڌل آه??. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي آئنده جو لائحه عمل به پيش ڪندو، تحريڪ انصاف پنهنجا پنج سال مڪمل ڪندي ۽ ايندڙ پنج سال به تحريڪ انصاف جا ئي هوندا.