اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سل??متي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي، افغانستان کي فوري طور تي انساني بنيادن تي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي افغانستان سان رابطن ۾ رهڻ گهرجي، مشڪل حالتن ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، روس سان توانائي، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جو فروغ چاهيون ٿا. روس جي ??در ولاديمير پيوٽن وزيراعظم عمران ??ان کي ٽيليفون ??ئي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي، گڏيل تعاون ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. وزيراعظم عمران ??ان ان موقعي تي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سل??متي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهميت رکي ٿو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان کي هنگامي بنيادن تي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ مدد ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران ??ان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان رابطا برقرار رکي. هن زور ڏنو ته افغان عوام کي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جي اهميت جي ڏس ۾ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن ۽ مشاورت تي زور ڏنو. گڏيل تعاون جي ڏس ۾ وزيراعظم مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان پاران مجموعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ روس سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين منصوبي کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي عزم کي پڻ ورجايو. وزيراعظم روسي ??در پيوٽن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته روسي ??در وزيراعظم عمران ??ان کي روس جي دوري جي دعوت جي تجديد ??ئي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ۾ هم آهنگي، وڌندڙ اعتماد ۽ تازن اعليٰ سطح جي رابطن سان عبارت ٻطرفي تعاون ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا فروغ پذير آهن. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو رکڻ تي اتفاق ڪيو.