اسلام آباد – 11 R11; آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي ميمبر پرويز ملڪ جي لاڏاڻي تي ڏ?? ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته مرحوم هڪ معتبر سياستدان هو، هن جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي سدائين ياد رک??و ويندو. سينيٽ جي چيئرمين الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت، درجن جي بلند ۽ پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊا??ٽر شهزاد وسيم، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني به پرويز ملڪ جي لاڏڻي تي ڏ?? ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت ۽ پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.