اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته وزيراعظم عمران خان پاڪستاني معيشت کي مستحڪم گروٿ تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو، زرعي پيداوار ۾ اضافو، ٽيڪس وصولي ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب ??يو ته لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته رڪارڊ اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس، 2021ع ج??لاءِ کان سيپٽمبر ڪمپنين جو منافعو 2020ع ج?? ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو، 2019ع ج?? ڀيٽ ۾ 66 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مملڪتي وزي?? چيو ته انجنيئرنگ سيڪٽر ۾ 351 سيڪڙو، ٽيڪسٽائيل 163 سيڪڙو، آٽو موبائيل 131 سيڪڙو، سيمنٽ 113 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو. هن چيو ته پيپر اينڊ بورڊ 87 سيڪڙو، آئل اينڊ گئس 74 سيڪڙو، انرجي اينڊ پيٽروليم جي منافعي ۾ 29 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.