اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گم ٿيل صحافي مدثر نارو جي والدين ?? معصوم پٽ ملاقات ڪئي، وزيراعظم مدثر نارو جي والدين کي واقعي بابت تحقيقات ۽ سموري ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير ش??رين مزاري، اٽارني جنرل خالد جاويد خان ۽ گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر به موجود هئا. ان سلسلي ۾ وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌيڪ تحقيقات ڪري مدثر نارو جي والدين ?? پٽ کي تسلي بخش جواب ڏيڻ جي هدايتون جاري ڪيون، مدثر نارو جي والدين وزيراعظم جي خاطري تي اعتماد جو اظهار ڪيو.