اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ حڪومت پاران ان جي سهولت ۽ مدد لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون پيون وڃن، نون ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻي فاٽا) ۾ مختلف شعبن ۾ ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع ڪيو ويا آهن ۽ انهن منصوبن سان علائقي جي ??اڻهن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آءِ) جي ??ڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي ??يادت ڪي سي سي آءِ جو صدر سيد حسن علي شاهه ڪري رهيو هو، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پرامن افغانستان نه رڳو افغانستان پر ان جي ??اڙيسري ملڪن لاءِ به معاشي خوشحالي آڻڻ ۾ مدد ??يندو. هن چيو ته خيبرپختونخوا جي س??حدي ضلعن خاص طور تي خيبر افغانستان سان واپار ۽ واپاري موقعن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهون ٿا. هن او آءِ سي جي ??رڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلا?? جي انعقاد لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ان سان افغانستان ۾ انساني امداد لاءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، وفد صدر کي افغانستان سان واپار جي حوالي س??ن پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. وفد وبائي مرض جي دوران واپاري برادري کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کي به ساراهيو.