اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پورهيتن ۽ مستحق ماڻهن جي لاءِ قائم پناهگاهن ۾ معياري خوراڪ ۽ خدمتون فراهم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته پناهگاهن ۾ احساس سروسز فراهم ڪيون وڃن، معاشري ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ان پناهگاهن جي رهواسين کي هنرمندي جي تربيت به فراهم ڪئي ??يندي. وزيراعظم عمران خان گهڻ ماڙ پناهگاهن جي منصوبن جي نقاب ڪشائي جي موقعي تي خطاب ڪندي لاڳاپيل کاتن جي اجتماعي ڪوششن کي ساراهيندي اهڙي طرح جي ماڊل ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم وزيراعظم احساس ٽيم سي ڊي اي، اين سي اي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي نئين ماڊل پناهگاهن جي قيام تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پناهگاهن ۾ احساس سروسز فراهم ڪيون وڃن، ان کان اڳ وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي پناهگاهن جي نئين اسٽريٽجڪ پل??ن سميت تعميرات، فرنشنگ، گورننس، ڊجيٽل مانيٽرنگ، صلاحيت ۽ فنانسنگ بابت بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر ثانيه نشتر ٻڌايو ته پورهيتن جي لاءِ بسترن، ناشتي ۽ کاڌي جي سهولتن کانسواءِ انهن پناهگاهن ۾ احساس ون ونڊو مرڪز به هوندا ته جيئن پورهيت ۽ ڪمزور طبقي کي حڪومت جي سماجي ڀلائي جي پروگرامن مان مستفيد ٿيڻ جي قابل بڻائي سگهجي، ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته سي ڊي اي ڪابينا جي منظور?? کانپوءِ ان مقصد جي لاءِ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن کي رعايتي اگهن تي زمين ڏني آهي. ان جي تعاون سان پناهگاهن جو نئون ماڊل ڊزائين ڪيو ويو آهي، ان وقعي تي پنڊال ۾ ان ماڊل پناهگاهن ۾ استعمال ٿيندڙ فرنيچر ۽ لڳايل سامان جا نم??نا به رکيا ويا، ان کان اڳ وزيراعظم پناهگاهن جي نئين ماڊل جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي، ماڊل پناهگاه ۽ فرنيچر جي ڍانچي کي نئين سر ڊزائين ڪرڻ لاءِ احساس نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور سان حصيداري ڪئي آهي، پناهگاهن جي نئين ڊزائين ۾ وڏو ڪچن، ڪولڊ اسٽوريج، استقباليه لابي، انتظار گاهه ۽ ضرورتمندن کي خوراڪ ۽ رهائش فراهم ڪرڻ جي بهتر صلاحيت هوندي، پناهگاهن مان فائدو وٺندڙن کي بهترين رهائش ۽ معيار?? کاڌو فراهم ڪرڻ جي لاءِ احساس ۽ سرينه هوٽل پهرين به تعاون ڪري رهيا آهن، پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد جي سمورين پناهگاهن جي عملي ۽ رهواسين جي مهمانوازي، خوراڪ جي تحفظ، ماحوليات ۽ هائوس ڪيپنگ جي باري ۾ تربيت ڏني پئي ??ڃي جڏهن ته سهولتن جي باقاعده نگراني ڪئي ??ئي ??ڃي، احساس هن وقت تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 27 پناهگاهون کوليون آ??ن جنهن م??ن سنڌ ۾ 5، خيبرپختونخاو ۾ 8، بلوچستان ۾ 7، اسلام آباد ۾ 5 ۽ گلگت بلتستان ۽ پنجاب ۾ هڪ هڪ پناهگاهه شامل آهي، احساس پروگرام تحت پناهگاهون کاڌو، ضروري شين، صحت، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ حفاظتي معيارن سان رهائش ۽ ناشتي جون سهولتون مهيا ڪري رهيون آ??ن، هر پناهگاهه ۾ تقريبن 500 ماڻهن کي مفت کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ رات جو 100 بسترن جي سهولت فراهم ڪئي ??ئي ??ڃي، واضح رهي ته 4 نيون پناهگاهون ترلائي، ترنول، جي نائن ۽ منڊي موڙ جي علائقن ۾ قائم ڪيون وينديون.