اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پبلڪ سيڪٽر ۾ خدمتن جي موثر انداز ۾ فراهمي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. اها ڳالهه هن هو??وي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر (وچ اوڀر خطي) وانگ شن لي سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن وفد سميت پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. هو??وي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ سماجي ذميداري تحت جاري قدمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير هو??وي ٽيڪنالاجي پاران پاڪستان ۾ سرڪاري آفيسرن لاءِ ٽيڪنيڪي تربيتي ڪورسز جاري ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪورونا وبا جي دوران سماجي بندشن جي ڪري ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو، پبلڪ سيڪٽر ۾ خدمتن جي موثر انداز ۾ فراهمي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان موجوده گهرجن کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان موثر قدم کنيا، شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستان ج?? 114 سفارتخانا ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي ڪري ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهن، سفارتخانن ۾ قائم ڊجيٽل سينٽرز جي ڪري ڪاغذن جي آن ??ائين تصديق سميت ڪيترين ئي قونصلر خدمتن جي فراهمي جو سلسلو ڪاميابي سان جاري آهي. هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل ”پورٽلز“ انهي ڊجيٽلائيزيشن جي فروغ جو نتيجو آهن. هو??وي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر وانگ شن لي حوصلا افزائي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو. وفد ۾ هو??وي پاڪستان جي سربراهه مارڪ من??، ڊپٽي سي اي او، ووهان ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ ريليشنز هو??وي ٽيڪنالاجيز احمد جهانزيب ملڪ شامل هئا.