اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي، ته ??سان جي خواهش هئي ته ??مران خان ??زيراعظم رهي، ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڏ??ندي عمران خان عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، موجوده سياسي صورتحال ۾ اهو بهتر فيصلو آهي، ته ??وام وٽ وڃڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اسد عمر چيو ته ??ڏهن قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو، ته ڪجهه فيصلا ٿيا هئا. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ٿيو هو ته معاملو ايوان ۾ آندو وڃي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو هو. اها وڏي مذاق آهي جو رڳو شهباز شريف کي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت ٻڌايو ويو ۽ ٻيو ڪنهن کي به نه. بلاول زرداري، شهباز شريف ۽ ٻين سياسي پارٽين جي وڏن اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي هئي. اسد عمر چيو ته ??سيمبلي ۾ جڏهن اسان ??ياسين بابر اعواڻ ٺهراءُ پيش ڪيو، ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس تي بريفنگ لاءِ بل ??ڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڏيڍ سئو کان ??ڌيڪ اپوزيشن ميمبر به ايوان ۾ موجود هئا. ووٽنگ ٿي ته نعرا لڳايا ويا ته ??ڳو شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ۽ ٻيو ڪنهن کي به ناهي ٻڌايو ويو. هڪ کان ??ڌيڪ ڀيرا ووٽنگ ٿي پر اپوزيشن رد ڪري ڇڏيو. اپوزيشن ٻئي ڏينهن صبح جو ڇو مطالبو نه ڪيو ته ??جلاس سڏايو وڃي؟ جنهن وقت اهو سوال سپريم ڪورٽ ۾ اٿاريو ويو تڏهن هو ڪٿي هئا؟ اپوزيشن قوم ۽ سپريم ڪورٽ کي آکاڻي ٻڌائڻ بند ڪري، کين ڪجهه به معلوم ناهي. اسد عمر چيو ته ??سان جي خواهش هئي ته ??مران خان ??زيراعظم رهي. ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڏ??ندي عمران خان عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ موجوده صورتحال ۾ اهو ئي بهتر فيصلو آهي.