اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مزدور ڪنهن به معاشري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، اسان اسلام، پاڪستان جي آئين ۽ عا??مي معيارن موجب مزدورن جي ڪم جي حالتن کي بهتر بڻائينداسين، اسان مزدورن ۽ انهن جا مسئلا هر سطح تي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. مزدورن جي عا??مي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته آئون مزدورن جي هن عا??مي ڏينهن تي پاڪستان ۽ پوري دنيا جي مزدورن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. مزدورن جي ترقي کانسواءِ دنيا جي حق??قي ترقي اڌوري آهي. هن ڏينهن تي شڪاگو جي انهن مزدورن کي ياد ڪرڻ چاهيان ٿو جن جون قربانيون مزدورن جي حقن جي لاءِ هڪ عا??مي تحريڪ بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته دنيا جي ترقي پورهيتن جي محنت جو نتيجو آهي. مزدورن جي صحت ۽ حفاظت جي لاءِ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آئي آيل او) جون ڪوششون ساراهه جوڳيون ۽ انتهائي مناسب آهن. هن چيو ته مزدور ۽ پورهيت جن ۾ پڙهيل لکيل، ناخوانده، هنرمند ۽ غيرهنرمند شامل آهن ڪنهن به ملڪ ۽ معاشري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.